شڌ سارنگ

شڌ سارنگ (راڳ): هن راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. هي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇهن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. هن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناهي لڳائبو. هن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آهي. هن راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ هن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آهي، پر هي قانون هند جي ڪنهن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناهي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آهن. هي مت به رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاهڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي. صحيح شڌ سارنگ جي شڪل هندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنهنجي سنگيت ۾ هن ريت ڏني آهي:
آروهي: سا-ري-ما-پا-ني-سا
آمروهي: سا-ڌي-نا-پا-ما-ري-سا
شڌ سارنگ راڳ جو ڪلاسيڪل چالو:
سا-ري-پا-ما-ري-سا-ري-ني-سا-ري-ما-ري-پا-مي-پا-ڌي-پا-ما-ري-سا
سا-ري-سا-ڌي-نا-پا-ني-ني-سا-ري-پا-ري-ما-سا-ري-ني-سا-نا-پا-ني-سا
سا-ري-ما-ري-پا-مي-پا-ڌي-پا-ما-ري-ما-پا-ني-سا-ري-ني-سا-نا-پا-ما-ري-سا-ري-ني-سا
سا-ري-پا-مي-پا-ڌي-پا-ما-پا-سا-نا-پا-ما-پا-ڌي-پا-ما-ري-ري-پا-ما-ري-ري-سا
سا-ري-ما-ري-پا-ما-ري-ڌي-پا-مي-پا-ڌي-پا-ري-ما-ري-ري-پا
ني-سا-نا-پا-ما-پا-ڌي-پا-ما-ري-ري-ما-پا-ما-ري-سا
ما-پا-ني-سا-ري-سا-ما-ري-سا-ني-سا-نا-پا-مي-پا-ڌي-پا-ما-پا-ما-ري-ري-پا-ما-ري-پا-ما-ري-ما-ري-سا-ري-ني-سا


لفظ شڌ سارنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو